آڍو خان جتوئي جو مقبرو

آڍو خان جتوئي جو مقبرو

آڍو خان جتوئي

آڍو خان جتوئي: ميان نور محمد ڪلهوڙي جي خاص مصاحبن مان هو، ان دور ۾ خاص عھدن تي رهيو ۽ محراب خان جو مائٽ هو. آڍو هن سان گڏ وڙهندي چالڪ پل جي جنگ ۾ مارجي ويو. چالڪ پل جي جنگ ميان صادق علي خان ڪلهوڙي ۽ ميان عبدالنبي خان ڪلھوڙي جي وچ ۾ لڳي آڍو خان، ميان عبدالنبي خان جي لشڪر ۾ هو. سندس وڌيڪ احوال نه ٿو ملي. آڍي خان جو مقبرو نوابشاهه (هاڻي بينظيرآباد) ۾ آهي. هي مقبرو ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو آهي. اهو مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان- ڳوٺ ۽ ديهه ميان نور محمد تعلقو دولتپور، ضلعو نوابشاهه. (هاڻي بينظير آباد) جي ڏکڻ ۾ اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر پنڌ تي نم جو ڳوٺ وٽ آھي. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 50 32O26 ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ0406808 ڊگرين تي واقع آھي. ھي مقبرو ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ھڪ جيترو 5.65x5.65 ميٽر آھي، جڏھن ته وڌ ۾ وڌ اوچائي 10 ميٽر ماپي وئي. اڏاوت ۾ پڪيون سرون، گل گـارو، گچ گارو، ڪاشيءَ جون سرون ۽ چن استعمال ٿيل آھي. مقبرو رٿ ۾ چوڪنڊو آھي. چار ڪنڊي ونگائين لنگهه مٿان گهڻ- راسيون ونگون پانيلن تي ٺھيل آھن. مھاڙي گهڻ- راسين ونگن ۽ مستطيل پانيلن سان ٺھيل آھي. ھر پاسو مستطيل ۽ گهڻ- راسين ونگاون پانيلن سان مزين آھي. چار عدد برجيون مھاڙي واري ڀت تي، رنگين ڪاشيءَ جي سرن سان ۽ ٻيڙ ٻنو ڪنگرن سان سجايل آھي. اٺ ڪنڊي ڳچ (drum) جي پلويڙن تي ڪاشيءَ جون ڪنگريون ٺھيل آھن. ڳچ جي مٿان اڌ گول گنبذ رکيل آھي، جنھن جي مٿان ڪوڻيءَ جو ابتو ٿيل گل ۽ ان گل جي مٿان ڪلس ٺھيل آھي، جنھن تي به ڪاشيءَ جو ڪم ڪيل آھي. اندر سڄي سجاوٽ پانيلن ۽ گهڻ راسين جي آھي. محراب جھڙا طاق اندر تي اوڀر کان سواءِ، ھر طرف ڏنل آھن. مقبري جي گنبذي ڇت جو (drum) ڳچ اَٺ ڪنڊو آھي، جنھن جي ھر ڪنڊ تي برجي آھي. مقبرو اندران روغن ٿيل آھي. گنبذ ھن وقت سٺي حالت ۾ آھي. لنگهه وارو دروازو ۽ ڪنگرا ڪٿان ڪٿان ڊھي پيا آھن. ھي مقبرو محڪمه آثار قديم وارن محفوظ ڪيو آھي.


لفظ آڍو خان جتوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو